صدر الدين شاهه راشدي ۽ ٻين پير پاڳاري کي ڪوڙيون خبرون ٻڌائي سامهون آندو: مراد علي شاهه

0
48
صدر الدين شاهه راشدي ۽ ٻين پير پاڳاري کي ڪوڙيون خبرون ٻڌائي سامهون آندو: مراد علي شاهه
صدر الدين شاهه راشدي ۽ ٻين پير پاڳاري کي ڪوڙيون خبرون ٻڌائي سامهون آندو: مراد علي شاهه

سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته صدر الدين شاهه راشدي ۽ ٻين پير پاڳاري کي ڪوڙيون خبرون ٻڌائي سامهون آندو، پيپلزپارٽي سنڌ مان هر سيٽ ميرٽ ۽ ڪارڪردگي تي کٽي آهي، کٽيل هر سيٽ جو حساب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته پير پاڳاري کي چوندس ته پنهنجا دوست تبديل ڪري، پير پاڳاري کي دوستن جي آسري تي لڳي وڌيڪ سيٽن جي اميد نه لڳائڻ گهرجي ها

هن چيو ته جي ڊي اي کي پنهنجي شڪست تسليم ڪرڻ گهرجي، ان ڳالهه جو افسوس آهي ته جي ڊي اي وارن پير پاڳاري کان غلط ڳالهيون ڪرايون