ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافي شهيد جان محمد مهر ۽ نصر الله گڏاڻي جي قتل خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، ڪراچي ۾ شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي ۽ شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي صحافين جي ايم جمالي، غازي جھنڊير،امتياز فاران، حسن عباس، عاجز جمالي، ناصر خٽڪ، سياسي پارٽين جي اڳواڻڻ الاھي بخشش، اياز چانڊيو، مظفر بروهي ۽ ٻين خطاب ڪيو، ڪشمور ۾ صحافين سميت سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن دليپ ڪمار ڪيسواڻي، غلام حيدر پيرزادو، اصغر علي چاچڙ، شريف ڄامڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جيڪب آباد ۾ صحافين پرويز ابڙو، محمد نواز سولنگي، عبدالنبي مگسي، حضور بخش مغيري، عباس گل مستوئي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو، بهرام ۾ شھيد صحافين نصر الله گڏاڻي ۽ جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ صحافين سميت سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شھرين علي محمد کوسو،  ظفر مگسي، حسن مگسي، نصرالله پتوجو، قربان مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قمبر-شھدادڪوٽ مين روڊ تي احتجاج ڪيو، نواب شاهه ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي شهيد جان محمد مھر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف صحافين اڪرم چانڊيو، ذوالفقار خاصيتون، اسماعيل ڊومڪي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، خيرپور ۾ خان محمد خان، ثناءُ الله ميمڻ، غلام قادر سومرو، گلزار منگي، محمد بخش جويو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، منهڙو ۾ صحافين ۽ سوشل ورڪرن ممتاز ملاح، شمن ابڙو، غلام محمد ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شهيد صحافين جي قتل ۾ ملوث جوابدارن ۽ سهولتڪارن کي گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي.