سکر (بيورورپورٽ) سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت شهيد صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس ۾ جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، عدالت ٻن جوابدارن شيرو شيخ ۽ رمضان شيخ جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، اي ٽي سي جي جج عبدالرحمان قاضي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ۾ فريادي ڪرم الله مهر، آصف مهر، وڪيل سهيل احمد کوسو، پراسيڪيوٽر ۽ واسطيدار پيش ٿيا، جڏهن ته جوابدار ڌر جا وڪيل پڻ پيش ٿيا، عدالت ۾ فريادي ڌر جي وڪيلن دليل ڏنا ته فريادي ڌر جو وڏو نقصان ٿيو آهي، جان محمد مهر ناليوارو صحافي هو، ان کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي، تنهنڪري جوابدارن جي ضمانت رد ڪئي وڃي، عدالت ضمانت واري درخواست تي ٻن جوابدارن رمضان شيخ ۽ شيرو شيخ جا وڪيل پيش نه ٿيڻ تي ڪجهه دير جي مهلت ڏني، تنهن باوجود جوابدارن جا وڪيل پيش نه ٿيڻ تي عدالت ٻنهي جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، عدالت رماڪس ڏنا ته توهان ڪيس جلدي هلائڻ لاءِ درخواست ڏني آهي پر گذريل ٻڌڻي تي به توهان جو وڪيل پيش ناهي ٿيو، تنهنڪري توهان جي ضمانت رد ڪئي وڃي ٿي، عدالت ٿوري دير جي وقفي کانپوءِ فرد جرم جي ڪارروائي هلائي، عدالت ڪيس ۾ گرفتار 6 جوابدارن بخشل عرف بخشو مهر، بابر مهر، بشير مهر، منور مهر، شيرو شيخ ۽ رمضان شيخ مٿان فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، جوابدارن پاران ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو، عدالت ڪيس هلائڻ لاءِ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 12 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي فريادي ڪرم الله مهر چيو آهي ته عدالت مان انصاف جي اميد آهي، اڄ عدالت ٻن جوابدارن شيرو شيخ ۽ رمضان شيخ جي ضمانت رد ڪئي آهي، منهنجي ڀاءُ کي ناحق قتل ڪيو ويو آهي، 10 مهينن کان مک جوابدار گرفتار ناهن ٿي سگهيا، پوليس رڳو جوابدارن جي گرفتاري جا ٺلها آسرا ڏئي رهي آهي، هن چيو ته ڪيس ۾ نامزد مک جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، فريادي ڌر جي وڪيل سهيل احمد کوسو چيو ته ٻن جوابدارن جي ضمانت رد ٿيڻ اهم اڳڀرائي ثابت ٿي آهي، ضمانت تي آزاد ٽن جوابدارن جي ضمانت رد ڪرائڻ لاءِ فريادي ڌر هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي، اميد آهي ته جوابدارن جي ضمانت رد ٿي ويندي.