ارشد شريف جو مڙهه پاڪستان منتقل: جاچ ڪميٽي قائم

0
326
سپريم ڪورٽ پاران نئين جي آءِ ٽي

ڪينيا ۾ پوليس جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل سينئر صحافي ارشد شريف جو  مڙهه خانگي هوائي اڏام ذريعي ڏيهه پهچايو ويو

ارشد شريف جو مڙهه وصول ڪرڻ لاءِ سندس وارث اسلام آباد ايئرپورٽ پهتا، ارشد شريف جي ميت کي  خانگي اسپتال جي سردخاني ۾ رکيو ويو، وڏي انگ ۾ شهري اسپتال ٻاهران موجود هئا

سينيئر صحافي جي جنازي نماز فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي ويندي، ارشد شريف جي گهرواري جويريا صديق موجب ارشد شريف جي  تدفين سڀاڻي  اسلام آباد جي ايڇ اليون قبرستان ۾ ڪئي ويندي

ٻئي پاسي وفاقي سرڪار ڪينيا ۾ پاڪستاني صحافي ارشد شريف جي موت جي جاچ لاءِ 3 رڪني جاچ ٽيم جوڙي ڇڏي

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته جاچ ٽيم فوري طور ڪينيا وڃي معاملي جي جاچ ڪندي، جاچ ٽيم ۾ ايف آءِ اي ۽ انٽيليجنس ادارن جا آفيسر شامل آهن، جاچ ٽيم پنهنجي حتمي رپورٽ گهرو وزارت آڏو پيش ڪندي

ھي به پڙھندا

ارشد شريف واقعي جي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي: ڊي جي آءِ ايس پي آر