اسلام آباد (م ڊ) پوليس سينيئر صحافي ابصار عالم تي حملي کان ڪجهه وقت اڳ جي وڊيو حاصل ڪري ورتي، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ابصار عالم تي حملو ڪندڙ اڪيلو نه هو، هڪ سندس ساٿي به پارڪ ۾ موجود هو، حملي وقت پارڪ ٻاهران هڪ ڪاري ڪار به وڊيو ۾ نظر اچي رهي آهي، وڊيو ۾ حملو ڪندڙ کي ڪريم ڪلر جا ڪپڙا ۽ سندس ساٿي کي ڪاري رنگ جا ڪپڙا نظر اچن ٿا، حملو ڪندڙ پارڪ ۾ ساٿي سان گڏ گهمندي نظر اچي ٿو. حملو ڪندڙ جوابدار ساٿي سان هٿ به ملائيندي نظر اچي ٿو، پوليس حملو ڪندڙ ۽ پارڪ ٻاهران موجود ڪارن شيشن واري گاڏي جي ڳولا آهي.