شهدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ ۾ وڌندڙ گندگي ۽ تعلقي ميونسپل ڪاميٽي ۾ ٿيل ڪرپشن جي عدالتي جاچ ڪرائڻ لاءِ ايس ٽي پي جي ڪارڪنن پاران ٽئين  ڏينهن تي به ايس ٽي پي جي ضلعي صدر امداد سومرو، ڪامريڊ حيات تونيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو ھڻي نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن امداد سومرو، ڪامريڊ حيات تنيو، زاهد مگسي، رشيد مگسي، داد محمد کنڊ سجاد تونيو سميت ٻين چيو ته شهر گندگي جي جو ڍير بڻجي چڪو آهي، شهر جو ڊرينيج نظام تباھ هئڻ ڪري روڊن رستن تي نالن جو گندو پاڻي بيٺل آهي، هنن چيو ته اسان جي احتجاجي تحريڪ گذريل ٻن مهينن کان جاري آهي پر ڪنهن اعلي اختيارن نوٽس ناهي ورتو، جيستائين ميونسپل چيئرمين جي ڪرپشن جي عدالتي جاچ ڪرائي نه ويندي احتجاج جاري رهندو، هنن اعلان ڪيو ته ميونسپل چيئرمين جي ڪرپشن خلاف 5 جولاءِ تي جمعي جي ڏينهن تي پريس ڪلب کان ڪوٽو موٽو چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويندو.