شھدادڪوٽ مان معصوم نينگري پر اسرر طور گم، اغوا جو شڪ

0
158

شھدادڪوٽ مان معصوم

شھدادڪوٽ (ن پ ا) شھدادڪوٽ مان معصوم نينگري پر اسرر طور گم ٿي وئي جنهن جي وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي پوليس کي اطلاع  ڏئي ڇڏيو

اي سيڪشن ٿاڻي جي حد صديقي مدرسا محلي جي رھواسي محبوب مگسي جي ڌي 3 سالن جي فاطما 3 ڏينهن اڳ گهران ٻاھر گهٽي ۾ راند کيڏڻ وئي ته واپس گهر نه موٽي

نينگري فاطما مگسي جي پي محبوب مگسي ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته منهنجي معصوم نياڻي فاطما مگسي پنهنجي گهر جي گهٽي ۾ راند کيڏڻ دوران گم ٿي وئي آهي جنهن کي گم ٿئي 3 ڏينهن گذري ويا آهن پر ھن وقت تائين منهنجي نياڻي جو ڪو ڏس پتو پئجي نه سگهيو آهي

ھن شڪ ظاهر ڪندي چيو آهي ته منهنجي معصوم نياڻي فاطما کي اغوا ڪيو ويو آهي، ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس  پي قمبرشھداد مدد ڪن

ھي به پڙھندا

ڪنري ۾ گھران نڪري لاھور ويندڙ عورت پٽ سوڌي ھٿ، عورت سوڌو 3 گرفتار