شهدادپور (ن پ ا) آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ جي اي ايس ٽي اميدوارن کي نوڪرين جا آرڊر جاري ڪيا ويا، ٽي اي او آفيس شهدادپور ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، ضلعي آفيسر سرور راجپوت، ٽي اي او فيمل رخسانه آرائين ۽ تعلقي ايجوڪيشن آفيسر ميل رفيق آرائين 33 عورت ۽ 14 مرد جي اي ايس ٽي اميدوارن کي آفر آرڊرز ڏنا، آرڊر ملڻ تي اميدوارن جا چهرا ٻهڪي پيا ۽ سندن وارثن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي. ڊي اي او سرور راجپوت چيو ته خوشي ٿي ته تعليم جي شعبي ۾ نوجوان طبقو اڳڀرو آهي اميد ته نوان استاد تعليم کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.