شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ۾ ٽينڪر جو بيٺل چنگچي رڪشا کي ٽڪر، نوجوان ناري چيڀاٽجي فوت، وارثن ۾ ڪهرام، ڊرائيور گرفتار، خبر موجب شھر جي هالا چوڪ تي ٽينڪر بيٺل چنگچي رڪشا کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ چنگچي رڪشا ۾ سوار 20 ورهين جي ڳوٺ بخشو نظاماڻي واسڻ ناري نازيه راجپوت چيڀاٽجي ٿڏي تي فوت ٿي وئي، ناري جو مڙھ سِمس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس ٽينڪر کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور خالد جٽ کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو،