شھدادپور پوليس پاران بدنام ڏوهارين جي گينگ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

0
229

شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور پوليس پاران بدنام ڏوهارين جي گينگ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، پوليس اختيارين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته قتل، ڌاڙن ۽ ڦرن سميت مختلف ڪيسن ۾ گهربل 5 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ڌاڙن ۽ ڦرن جي ڪيسن ۾ گھربل ڏوھاري آصف رند، رمضان ٽالاڻي کي پسٽل سميت گرفتار ڪيو آهي، قتل ڪيس ۾ روپوش جوابدار نظام ماڇي کي پسٽل سميت گرفتار ڪيو ويو، پوليس چيو آهي ته جوابدار ممتاز عرف دادن گوپانگ، اعظم رند کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان ڦر ۽ چوري ڪيل 3 موٽرسائيڪلون، 4 بئٽريون، هڪ ايل سي ڊي ۽ تالا ٽوڙ ڪٽر ھٿ ڪيو ويو آهي، ڄاڻايل جوابدارن کي سڀاڻ رمانڊ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.