شھباز شريف جي ڪفايت شعاري ، بلاول ڀٽو جون ڌمڪيون

0
197
سنڌ کي اسلام آباد جي وائسراءِ ذريعي ھلائڻ جي سازش

 دنيا جي آڏو ڪشڪول کڻي ھٿ ڦھلائي امداد جي درخواست پوري نه ٿيڻ کانپوءِ پنھنجا ڪپڙا نيلام ڪرڻ جي ڳالهه ڪندڙ وزيراعظم شھباز شريف بجلي ۽ گئس جي شعبي ۾ عوام کي اپيل ڪئي آهي ته ڪفايت شعاري سان استعمال ڪرڻ کي ترجيح ڏئي قوم ھئڻ جو ثبوت ڏيو. جڏهن ته پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي پي ٽي آئي سربراهه عمران خان کي واپس پارليامينٽ ۾واپس اچي نيب ۽ چونڊ سڌارن ۾ تعاون ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيندي چيو ته ٻي صورت ۾ کيس جيل جي ياترا ڪرائي ويندي. ھاڻي پھرين پاڻ وزيراعظم شھباز شريف جي قوم کي ڪفايت شعاري جي حوالي سان ڪيل اپيل تي ڪجھه حقيقتن کي سامهون رکندي اصل صورتحال رکون ٿا ته پاڪستان دنيا جي انھن ڪجھه ملڪن ۾ شامل آهي جيڪو قدرتي وسيلن سان مالامال آهي جنهن ۾ زراعت ، قدرتي گيس ، تيل ، ميوات ،  ڀاڄيون ، سمنڊ ، درياهه ، ڊيم ، پھاڙ، تفريحي ماڳ يعني ھر لحاظ کان خوشحال ملڪ تصور ڪيو ويندو هو. ڪراچي کي اڄ به مني پاڪستان سڏيو وڃي ٿو جتي پنھنجي ڌرتي جي ماڻهن کان وڌيڪ ٻين صوبن ۽ ڌارين بنگالي، برمي بھاري ، افغانين سميت ڌارين جي يلغار آھي ان صورتحال جي باوجود سڀني جو پيٽ پاليو وڃي ٿو ڪنھن کي گھٽ ڪنھن کي وڌ  روزگار ملي رھيو آھي. سنڌ حڪومت ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ ھر روز بيان بازي کان ڪم وٺي پنھنجو فرض پورو ڪري ڇڏي ٿي. جيستائين ملڪي وسيلن جي استعمال جو تعلق آهي ته 75 سالن ۾ ملڪ تي حڪمراني جو تاج ڊڪٽيٽر شپ ۽ سياستدانن تي پوي ٿو تقريبن ٻئي ڌريون برابر ڀاگي ڀائيوار آھن جن اقتدار  خاطر الڳ الڳ پاليسيون جوڙي ملڪ کي ان ھنڌ تي اچي بيھاري ڇڏيو آھي جو ڪفايت شعاري جو عوام کي درس ڏنو پيو وڃي. پھرين ته بجلي جي صورتحال کي سامهون رکندي اصل نقشو پيش ڪرڻ گھرجي ته ھن وقت سياري جي  موسم ۾ جتي ايئرڪنڊيشنڊ ۽ پکن جو استعمال بند ٿي ويو آهي ان جي باوجود سنڌ سميت ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ ننڍن شهرن ڳوٺن کي ڇڏي وڏن شهرن تي نظر وجهبي ته ڪيئي ڪيئي ڪلاڪ بجلي ناهي. حڪمرانن جي شھر اسلام آباد جي به صرف ريڊزون ۽ پوش علائقن کان سواءِ باقي تقريبن آس پاس جي علائقن ۾ ملڪ جي ٻين علائقن وارو حال آھي سنڌ ته يتيم خانو آهي جنهن جي ننڍي توڙي وڏي شھرن ۾ ھن وقت به سڄو سڄو ڏينهن بجلي ناهي. واپڊا وارن جي مرضي ھوندي آھي باقي جيستائين گئس جو تعلق آهي ته ملڪ ۾ پھرين قدرتي گيس بلوچستان جي ڊيرا بگٽي جي علائقي سئي مان ذخيرو نڪتو جنھن مان ان علائقي جي ماڻهن کي قدرتي گيس استعمال جي سھولت نه ملي ليڪن باقي ملڪ جي عوام کي سھولت فراهم ڪئي وئي جنھن کان پوءِ سنڌ مان گئس ۽ تيل جا ذخيرا ملڻ شروع ٿي ويا جيڪو سلسلو ھن وقت به جاري آهي. خيبرپختونخوا مان به گئس جا ذخيرا مليا پر اھا ٻي ڳالهه آهي جو حڪمرانن جي پنھنجي ڪشمڪش جي نتيجي ۾ انھن وسيلن تي اھو ڌيان نه ڏنو ويو بلڪه ھر حڪمران اقتدار ۾ اچي سابق حڪمران تي الزام لڳايا ته سڄي تباھي جو ذميوار فلاڻو حڪمران ۽ ان جي غلط پاليسين جي ڪري ملڪ هن حالت ۾ پھچي ويو. چوڻ جو مقصد ته ڪنھن به ان حوالي سان پنھنجي ذميواري قبول نه ڪئي ھن وقت مھانگائي جي دور ۾ عوام لاءِ  پيٽ پالڻ مشڪل ٿي ويو آهي ته وزيراعظم شھباز شريف ڪفايت شعاري جو عوام کي درس ڏيڻ کان پھرين پنھنجي ڪابينا تي نظر وجھي ته سندس ڪابينا جو تعداد 75 ميمبرن کان وڌيڪ آھي، ڪنھن به حڪمران جي ڪابينا جو ماضي ۾ ايترو تعداد ناهي رھيو. شھباز شريف ڪابينا ۾ اھڙا به وفاقي وزير ، مملڪتي وزير ، معاون خصوصي رکيا آهن جن وٽ وزارت ناهي باقي انھن کي جھنڊي واري گاڏي تيل منسٽر انڪليو ۾ رھائش سميت ٻيا الائونس ڏنا وڃن ٿا ڇو ته سندس ڪابينا ۾ 13 جماعتن تي مشتمل وڻ وڻ جي ڪاٺي شامل آهي جن کي ڪفايت شعاري جي ترغيب ان ڪري نٿو ڏئي سگهي ڇو ته سندس اندر ۾ خوف آھي ته ڪٿي ڪير ناراض نه  ٿئي. ماضي ۾ ايم ڪيو ايم سميت اھڙيون پارٽيون شامل آهن جن حڪومتن کي بليڪ ميل ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر ناهي کڏي ان ڪري ھميشھ عوام کي ڪفايت شعاري جي ترغيب ڏني ويندي آهي پوءِ ان ۾ قرض لاھيو ملڪ سنواريو ڊيم تعمير ڪرائڻ لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ ته وري پارٽي جي مخصوص ڪارڪنن کي ليپ ٽاپ ، ييلو ڪار اسڪيمن ۾ راضي رکيو وڃي ٿو. ڪڏهن به  پنھنجن دورن تي فوج ظفر موج کي گھٽائڻ جي ڪوشش ناھي ڪئي، چيو وڃي ٿو ته عمران خان وزيراعظم جي حيثيت ۾ تقريبن ساڍن ٽن سالن ۾ پرڏيهي ملڪن جا ايترا دورا ناھن ڪيا جيترا شھباز شريف وزيراعظم ٿيڻ کان پوءِ شروع ڪري ڇڏيا آهن. ساڳي صورتحال پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي آهي جنھن اٺن مھينن جي مختصر عرصي ۾ پرڏيهي ملڪن جي دورن تي ڏيڍ ارب کان وڌيڪ قومي خزاني تي بار وجھي ڇڏيو آهي. باقي به ڪابينا جي اھم ميمبرن جي دورن کي ڏسبو ته وس آهر ڪنھن به ناهي گھٽايو جنھن به وزير ، صلاحڪار يا معاون خصوصي کي موقعو مليو آھي ته پھرين ترجيح پرڏيهي دورو ڪرڻ انھن جي ڪارڪردگي ۾ شامل آهي. اھا ٻي ڳالھه آهي  ته  ڪارڪردگي زيرو ھجي ان سان سندن ڪھڙو تعلق؟ ڇو ته پي ڊي ايم اتحاد ۾ شامل حڪمران صرف پنھنجا ڪيس ختم ڪرائڻ، اربين رپيا معاف ڪرائڻ ۾ لڳا پيا آهن جيڪو ڪم نڪري ويو ھاڻي قوم کي ڪفايت شعاري اختيار ڪرڻ گهرجي جن کي پھرين ڪا سھولت فراهم ناهي اھا قوم ڪھڙي ڪفايت شعاري اختيار ڪري.

بھرحال باقي جيستائين بلاول ڀٽو زرداري جي عمران خان کي پارليامينٽ ۾واپس اچي نيب ۽چونڊ سڌارن ۾ تعاون ڪرڻ نه ڪرڻ جي صورت ۾ جيل ياترا ڪرائڻ جي ڏنل ڌمڪي سياسي بيان تائين ۽ ڪارڪنن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي ڇو ته سياستدانن  ھڪ ٻئي کي سياسي بيان بازي کان سواءِ ٻيو ڪيو به ڇاآھي. شھباز حڪومت جو سڄو ڏينهن ھڪ عمران خان پاران گھڙي وڪرو ڪرڻ جي تنقيد ۾ گذري ٿو باقي شيون وس۾ نه ھئڻ جي ڪري سڀني کي ھڪ بيانيي تي لڳائي ڇڏيو آهي ته جيترو ٿي سگهي عمران خان کي ايترو لتاڙيو وڃي جو عوام به ڪوڙ کي سچ سمجھڻ تي مجبور ٿئي. حالانڪه کين ان ڳالهه جي پڪي ڄاڻ آهي ته ھن وقت عمران خان جو بيانيو عوام ۾ مقبول ٿي ويو آهي جو ھڪ سڏ تي ھر ھڪ شھر ۾ ھزارين ماڻھو نڪري اچن ٿا جنھن جو عمران خان به نه سوچيو هو ته اقتدار مان نڪرڻ کان پوءِ عوام کيس اھڙي موٽ ڏيندو، انھي ڪري عمران خان پاڻ کي خطرناڪ سمجھي رھيو آھي. مٿس ٿيل حملي سميت ھر روز ڪيسن ۾ ضمانتن لاءِ عدالتن ۾ گھليو پيو وڃي ٿو ان جي باوجود به عمران خان ھار قبولڻ لاءِ تيار ناهي، انھي ڪري رٽائرڊ جنرل قمر جاويد باجوه کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ موجوده فوجي قيادت کان بھتري جي اميد رکي فوج کي تنقيد کان پاسو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ان جي باوجود بلاول ڀٽو زرداري مٿس تنقيد ڪندي چئي پيو ته سليڪٽيڊ جا حامي ھاڻي ناھن رھيا باقي به جيڪي ادارن  ۾ ويٺل آهن اھي به عام چونڊن تائين نڪري ويندا پر ان ڳالهه جي کين ڪھڙي ضمانت مليل آهي جو اسٽيبلشمينٽ پاڻ کي ھميشھ لاءِ نيوٽرل ڪري ڇڏيندي. ڪجھه ڏينهن پھرين پنجاب ۾ وڏي وزير جي امڪاني تبديلي جي موقعي تي عمران خان کي خواتين ميمبرن ٻڌايو ته کين نامعلوم نمبرن تا ڌمڪين وارا فون اچي رھيا آھن اھي ڌمڪين وارا فون  زراعت جي شعبي جي ماهرن جا يا وري نامعلوم کاتي جا ٿي سگهن ٿا.