شڪارپور (رپورٽر) شاگردن شير محمد سومرو، ياسر، سارنگ، ارشد پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو ته پي ايم سي ھڪ ئي نصاب 4 صوبن مٿان لاڳو ڪري ظلم ڪري رھي آھي، ھنن ٻڌايو ته پي ايم سي ميڊيڪل جي شاگردن کان پنھنجي بڻايل نصاب مان ميڊيڪل ڪاليجز ۾ سليڪشن لاءِ ٽيسٽون ورتيون جيڪي ٻين صوبن سان دشمني جي برابر آھن، شاگردن دانھيو ته جيڪو نصاب ٻين صوبن ۾ پڙھايو ئي نه ٿو وڃي ان مان ٽيسٽ وٺڻ تعليم دشمني آھي. ھنن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ھنن کان ورتل امتحان ختم ڪري ٻيھر ٽيسٽ ورتي وڃي