شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر شهر جي مختلف هنڌن لکيدر، مين بازار، سبزي منڊي، اسٽورٽ گنج جو دورو ڪري دڪانن تان شين جا اگهه معلوم ڪيا ۽ وڌيڪ اگهه وٺندڙن دڪاندارن کان هزارين رپيا ڏنڊ وصول ڪيو، اسسٽنٽ ڪمشنر جواد لاڙڪ جو چوڻ ھو ته رمضان شريف ۾ دڪاندارن پاران هڪ هٽي قائم ڪندي عام واهپي جي شين جا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن، هن چيو ته اهڙن دڪاندارن خلاف ڪارروايون جاري رکيون وينديون.