پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرجوڳوٺ لڳ وڏا ماڇيون جي رهواسڻ شبنم لوڊرو سندس ڌيءَ عليشا ۽ ڀاڻيجي اسد علي سميت مبينا طور اغوا ٿي وئي آهي. عائشه لوڊرو تصديق ڪندي چيو ته 5 ڏينهن اڳ ڀيڻ شبنم لوڊرو ٻنهي ٻارن سميت شڪارپور وڃڻ لاءِ چئي نڪتي، ٻن ڏينهن بعد فون ڪئي ته اسد علي فون کنيو ۽ روئڻهارڪو ٿي ڳالهائيندي چيو ته کين اغوا ڪيو ويو آھي، هاڻي موبائل بند پئي آهي. جنهنڪري اسان سخت پريشان آهيون، هن ڊي آءِ جي سکر ايس ايس پي خيرپور ۽ ايس ايس پي شڪارپور کي اپيل ڪئي ته منهنجي ڀيڻ معصوم ٻارڙن کي آزاد ڪرايو وڃي.