شڪارپور(رپورٽر) شڪارپور ۾ جماعت اسلامي پاران بجلي جي ڳرن بلن توڙي لوڊشيڊنگ خلاف پنھنجي آفيس کان گھنٽا گھر چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ريلي جي اڳواڻي ڪندڙ نائب امير جماعت اسلامي صوبه سندھ حافظ نصرالله عزيز چنا، ضلعي جي امير عبدالسميع ڀٽي، نائب امير ڊاڪٽر محمود الاھي ھڪڙو، ايڊووڪيٽ علي اصغر  پھوڙ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سخت گرمي جي موسم، بجلي توڙي گئس جي بدترين لوڊشيڊنگ مٿان وري ڌاڙيل راڄ سبب عوام ٻٽي عذاب ۾ آھي، 18کان 20ڪلاڪ بجلي لوڊشيڊنگ باوجود ڳاٽي ٽوڙ بل عوام لاءِ موت جا پروانا بڻجي رھيا آھن، بجلي جي ڊگھي لوڊشيڊنگ سبب ھر ماڻھو سخت تڪليف ۾ آھي، ڪراچي کان ڪشمور سخت گرمي ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب ماڻھو موت جي منھن ۾ وڃي رھيا آھن پر حڪمرانن توڙي ظالم واپڊا وارن جي ڪنن تي جون به نه ٿي چري، جيڪاانسانيت دشمني ۽ بي حسي جي انتھا آھي،ھن گھر ڪئي ته عوام جي حالت زار تي رحم ڪندي لوڊشيڊنگ ختم عوام کي ڳرا بل موڪلڻ بدران شاھي خرچ گھٽايا وڃن، لائن لاسز  ڪرپشن ۽ بجلي چوري کي روڪيو  وڃي.