شڪارپور پوليس ڪچي ۾ آپريشن ڪري مغوي کي بازياب ڪرائي هڪ جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب شڪارپور ڪشمور پوليس گڏيل آپريشن دوران ڏوھاري فريد تيغاڻي جي مورچن کي ساڙي ڇڏيو، 12 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ٺري ميرواهه واسي نوجوان عبدالحڪيم چنا کي بازياب ڪرايو ويو، هڪ ڏوهاري عبدالرحمان کي گرفتار ڪيو آهي،