شڪارپور(رپورٽر) شڪارپور ڀرسان ٽي ھفتا  اڳ اغوا ٿيل چنگچي رڪشا ڊرائيور آصف سيٺار ۽ ڳوٺ ڄامڙا مان 18 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل گلزار ڦلپوٽو کي شڪارپور پوليس ڳڙھي تيغو جي ڪچي واري علائقي مان بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي، ياد رھي ته ٽي ھفتا اڳ شڪارپور کان پنھنجي ڳوٺ ويندڙ چنگچي رڪشا ڊرائيور آصف سيٺار کي سنڌ پل لنڪ روڊ تان هٿياربندن  اغوا ڪري ھئا، جڏهن ته 18ڏينھن اڳ ڳوٺ چنڊ مان گلزار ڦلپوٽو کي اغوا ڪيو ويو، واضح رهي ته شڪارپور ضلعي مان 11مغوي اڃا تائين ڌاڙيلن وٽ قيد آھن.