شڪارپور (رپورٽ: وحيد بروهي) ٽي ھفتا اڳ شڪارپور شھر جي الف شاھ شھيد پاڙي مان اغوا ڪيل 8 ورھين جي ٻارڙو مھربان ڀٽي کي پوليس ڪوٽ شاھو جي ڪچي واري علائقي مان بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي، پوليس موجب ڏوھارين خلاف انٽيليجنس بيسڊ ٽارگيٽيڊ آپريشن ذريعي ٻارڙو بازياب ڪرايو ويو آھي، ھوڏانھن علائقي ۾ چوٻول آھن ته ڀنگ ڀري معصوم ٻارڙو بازياب ڪرايو ويو آھي، ياد رھي ته معصوم ٻارڙو مھربان ڀٽي کي شڪارپور جي الف شاھ شھيد پاڙي مان ٽي ھفتا اڳ اغوا ڪري مغوي ٻارڙي جي والدين کان ڏوھارين 50 لک ڀنگ پڻ طلب ڪيو ھو، شڪارپور ضلعي مان اغوا ٿي ويل 12 مغوي اڃا تائين ڌاڙيلن جي قيد ۾ آھن.