شين وارن ڪورونا وائرس جو شڪار

0
229

ڪينبرا(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جو اڳوڻو اسپنر شين وارن ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي، ٽيسٽ مثبت اچڻ تي اڳوڻو ليجنڊري پاڻمرادو آئسوليٽ ٿي ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب 51 سالن جو جڳ مشهور ڪرڪيٽر ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي. شين وارن آچر تي صبح جو طبيعت بهتر محسوس نه ڪري رهيو هو، جنهن بعد هن ڪورونا جي ٽيسٽ ڪرائي، جيڪا پازيٽو اچي وئي. ٻئي پاسي شين وارن پنهنجي هالي ووڊ فلم ۾ دير جو ڪارڻ به ڪورونا کي قرار ڏنو آهي.