نئين دهلي (دلچسپ نيوز) شينهڻ جون هندو مذهب تحت آخري رسمون ادا ڪيون ويون. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست مڌيا پرديش ۾ سپر موم جو اعزاز  رکندڙ شينهڻ مري وئي، ڳوٺاڻن سندس آخري رسمون هندو مذهب تحت ادا ڪيون جنهن ۾  وڏي انگ ۾ ماڻهو شريڪ ٿيا، شينهڻ کي ڏولي ۾ کڻي شمشان گهاٽ آندو ويو جٿي ڪاٺين تي ليٽائي ساڙڻ واري رسم پڻ ادا ڪئي وئي. ڪولر والي نالي سان مشهور شينهڻ جي عمر 17 سال هئي جڏهن ته هن 29 ٻچن کي جنم ڏنو.