مکانڊا (انٽريسٽنگ نيوز) ڏکڻ آفريڪا جي جهنگ ۾ هڪ شخص شينهن جي ٻن ننڍن ٻچن جي مشغلي جو هڪ منظر ڪيمرا ۾ قيد ڪيو، جڏهن انهن پنهنجي ننڊ پيل پيءُ کي تنگ ڪري ان جي ننڊ خراب ڪري ڇڏي، ڏکڻ آفريڪا ۾ پمبا پرائيويٽ گيم ريزرو جي سسٽم هيڊ رينجر 29 سالن جي ڪيمرون اشميٽ ان مزاحيه نظاري کي ڪيمرا ۾ قيد ڪيو، هن مقامي ميڊيا کي ٻڌايو ته پمبا ۾ اهو هڪ عام ڏينهن هيو، اسان جهنگ جي دوري تي هياسين، جڏهن اسان جي نظر شينهن جي هڪ گروپ تي پئي. ڪيمرون جو چوڻ هيو ته ايتري ۾ مون هڪ شينهن کي آرام ڪندي ۽ ان جي ويجهو ئي سندس ٻچن کي ٻوڙن ۾ کيڏندي ڏٺو، چنچل ۽ تجسس ۾ ورتل ٻچا پنهنجي ڀرپاسي ماحول کان واقفيت حاصل ڪري رهيا هئا، ايتري ۾ انهن پنهنجي پيءُ جي حرڪت ڪندڙ پڇ کي ڏسي ورتو ۽ ان سان کيڏڻ شروع ڪري ڏنو.