شينهن “اي سي” ۾ سُتو پيو آهي..

0
112
شينهن “اي سي” ۾ سُتو پيو آهي..

اهو ڪَچڙي منجهند جو وقت هو جهنگ جي بادشاھه شينهن جي بنگلي تي جانورن ۽ پکين جو وڏو ميڙ لڳو پيو هو، مگر شينهن صاحب اندر اي سي واري ڪمري ۾ اڃان آرامي هو. در تي شينهن جو خاص پي اي بگهڙ ڊائري هٿ ۾ کڻي ويٺو هو. سڀ جانور ۽ پکي شينهن بادشاھه وٽ پنهنجا پنهنجا مسئلا کڻي آيا هئا. مگر شينهن اڃان اندر ڪمري ۾ کونگهرا هڻي رهيو هو! ڪبوتر چپن ۾ ڀُڻڪيو، مان ته سوير کان ڪم جي سلسلي ۾ هت آيو آهيان (اڃان داڻو به نه چُڳيو اٿم) مگر شينهن بادشاھه اندر ستو پيو آهي، ڳيري چيو سمهندو ڪيئن نه اندر ڪمرو ٿڌو يخ لڳو پيو آهي اسان وانگر گرمي لڳيس ها ته خبر پويس ها. ڪانوَ ڳيري ۽ ڪبوتر کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو، ان کي چوندا آهن سڀني جانورن ۽ پکين جو هڪ ئي گهاٽ تان پاڻي پيئڻ.. ايتري ۾ طوطو ٻوليو چئي، ڪارا ڪانوَ،  اهو محاورو هيئن آهي ته “ٻڪري ۽ شينهن جو ساڳئي گهاٽ تان پاڻي پيئڻ”. خبر نه هجئي ته ڳالهاءِ به نه، رڳو لُڙ ۾ مزو ايندو اٿئي.ايتري ۾ در تي ويٺل شينهن بادشاھه جي پي اي بگهڙ،  آڱر وات تي رکي چيو شِششش…!!چپ ڪري ويهو پاڳلو، جي شينهن بادشاھه جاڳي پيو ته ڪنهن جو به خير نه هوندو سُتل شينهن کي ڇو ٿا اُٿاريو.مور چوڻ لڳو ته پوءِ پي اي صاحب ڇا ڪيون، سوير کان ويهي ويهي اسان سُڪي ويا آهيون. شل نه پاڻ ڏاڍي وٽ ڪم پوي. گدڙ چوڻ لڳو ڀلا اوهان سڀ هيئن ڪيو جو پنهنجا پنهنجا مسئلا بگهڙ صاحب کي ڊائري ۾ نوٽ ڪرايو ته موقعو ڏسي بگهڙ اندر ويندو ۽ شينهن کي اوهان جي مسئلن کان آگاھه ڪندو.

گدڙ جي صلاح سڀني کي وڻي، پهريان باندر چيو مان ته شينهن بادشاھه لاءِ هار ۽ مٺائي کڻي آيو آهيان جو سندس حمايت سان پنهنجي وارڊ نمبر 420 ۾ هڪ ووٽ جي ليڊ واري وڏي مينڊيٽ سان ڪائونسلر چونڊجي ويو آهيان! ڪانوَ چيو، بگهڙ صاحب تر جو صوبيدار اسانجي چئي ۾ ناهي فوري طور تي ان کي بدلي ڪري منهنجي ۽ گڏھه خان جي من پسند ايس ايڇ او کي چارج ڏياريو. گڏھ وڌيڪ تائيد ڪندي چيو ته مان هڪ محنتي ۽ مسڪين جانور آهيان، سڀني گڏهن جو وڏيرو به آهيان مگر ماڻهو خوامخواھه مونکي گڏھ گوهيون نه ڪري جهڙا طعنا ڏيئي منهنجي عزتِ نفس کي مجروح ڪري ويندا آهن.ان ڳالهھ تي به نظر ثاني ڪئي وڃي. جهنگ ٻلو چوڻ لڳو اڳي ڳوٺن ۾ ديسي ڪڪڙيون پاليون وينديون هيون مار پوي عمران خان کي مهانگائي جي ڪري ماڻهن اهي به پالڻ ڇڏي ڏنيون آهن اصل هاڻي بُک آنڊا ڪڍي ڇڏيا آهن. ايتري ۾ اي سي واري ڪمري جي اندران هلڪي گجگوڙ جو آواز آيو.بگهڙ چوڻ لڳو چُپ ٿي وڃو شينهن بادشاھه فون تي ڪنهن سان ڳالهائي رهيو آهي. لومڙ چيو هاٿي سان ڳالهائيندو هوندو. ڇو ته هاٿي هتي موجود ڪونهي. ڪجهھ دير کانپوءِ  گجگوڙ خاموش ٿي ويو، بگهڙ چيو شينهن بادشاھه وري سمهي پيو آهي، ٻڪري راڻي تون پري ڊنل ڊنل ويٺي آهين تو سان ڇا مسئلو آهي؟بگهڙ ٻڪري کان ان جو معاملو پڇيو. ٻڪري چوڻ لڳي ابا بگهڙ منهنجو سمجهه ڪم نٿي ڪري. الائجي ڪهڙي ڳالھه کڻي هت آئي هيس مگر خوف وچان وساري ويٺي آهيان.

ٿورو ترس ته ياد اچي ته ٻڌايان ٿي. ڍڳي ڍِڪ ڪري چيو بگهڙ صاحب! مان ۽ منهنجي ڳوٺائي  ڏاند ماستريءَ جي ٽيسٽ ۾ ٽيهھ ٽيهھ نمبر کنيا آهن، اسانجي يُوسي کي هارڊ يُوسي ڪرائي ماستري وٺرائي ڏيو،  ڳوٺ سان سڀ گابا، وَڇيون ۽ وهڙا رول ٿي ويا آهن انهن کي پڙهائينداسين.  گهوڙي آهستي هِڻ هِڻ ڪندي چيو ميان بگهڙ هاڻي پئٽرول ايترو مهانگو ڪيو اٿن جي ٻيهر ٽانگا دور آيو ته پوءِ اسان ڇڪڙن کي نه ڇڪينداسين جيئن ماضي ۾ ڇڪيندا هئاسين. ان لاءِ هاڻ اسانتي رحم ڪري اسان کي عام معافي ڏئي کُليل ميدانن ۾ ڇڏيو وڃي.سانڊو پنهنجي واري ۾ چوڻ لڳو اسان جي برادري جا گهڻا ماڻهو صحافت ڪن ٿا. سو اسان لاءِ حق سچ لکڻ جو جيڪو ائڪٽ آهي اهو ختم ڪيو وڃي هاڻي سڀ ماڻهو صحافت مان گاڏيون ۽ بنگلا خريد ڪري رهيا آهن سو اسان کي به گاڏيون ۽ بنگلا کپن.هنج پکي عرض ڪيو ته ٻگهن کي چئو اسان جي علائقي مان نڪري وڃن ڇو ته اسان صفائي پسند ۽ ٻگھه گند ڦهلائيندڙ ۽ موقعي پرست پکي آهي.

ايتري ۾ اندران ٻيهر شينهن جي هلڪي گجگوڙ جو آواز آيو، بگهڙ چيو شينهن نيرن گهري رهيو آهي، اوهان مان شينهن جو نيرن  ڪير ٿيندو. سڀئي جانور ۽ پکي خوف وچان چپ ٿي ويا. چِٻري چيو مان هڪڙي صلاح ڏيندس اهو جانور جيڪو هتي آيو ڪونهي اُن کي شينهن جي نيرن بڻائي  پيش ڪيو وڃي ڇو ته اسان ته شينهن جا ٻڌا ٻانها هر وقت سندس دربار ۾ هڪيا تڪيا حاضر(موجود) آهيون. ان لاءِ جيڪو شينهن جي خدمت ۾ ناهي آيو سو ئي شينهن جي نيرن جو حقدار آهي. لومڙ چيو ڏسو ته ڪير ناهي آيو.چراک چيو سُوئر ناهي آيو. بگهڙ چيو ڀلا سُوئر ڪٿي ملندو. ڏاند چيو سُوئر ته  اندر اي سي واري ڪمري ۾ شينهن سان  گڏ ستو پيو آهي، هُو ٻئي رات هڪ دعوت تي به گڏ هيا. هينئر سندن پاڻ ۾ اتحاد ٿي چڪو آهي ان لاءِ هاڻ شينهن لاءِ سُوئر جو گوشت حرام آهي.

ته پوءِ ڪنهن کي شينهن جي نيرن بڻايون؟جي دير ڪئي سين ته شينهن بادشاھه بگڙجي ويندو ۽ هتي ويٺل سڀني کي نقصان پهچائيندو.

“بگهڙ وڌيڪ وضاحت ڪئي.”

سڀني جانورن جو ساھه مُٺ ۾ اچي ويو، هر جانور ڳڻتي ۾ هو ته ڪٿي شينهن جي نيرن نه ٿي وڃي.

ايتري ۾ انٽرڪام جي گهنٽي وڳي، شينهن انٽر ڪام تي بگهڙ سان ڪجھه ڳالهايو.. انٽر ڪام رکي بگهڙ سڀني جانورن کي مخاطب ٿي چيو مبارڪون مبارڪون. شينهن صاحب نيرن جو ارادو بدلائي ڇڏيو آهي. سڀ جانور خوش ٿي شڪر الحمد الله جو ورد پڙهڻ لڳا. ايتري ۾ بگهڙ وري ڳالهايو، ايترو خوش ٿيڻ جي به ضرورت ناهي. هاڻي شينهن صاحب سڌو مانجهاندو ڪندو. سڀ جانور وري وائڙا ٿي ويا ۽ بگهڙ وارو جملو سندن چپن تي تري آيو، “سڌو مانجهاندو ڪندو” بگهڙ مڪروه انداز ۾ چيو ها سڌو مانجهاندو ڪندو. ان لاءِ هن (شينهن) “مينيو” به ٻڌائي ڇڏيو آهي.

شينهن جي مينيو ۾ ڇا آهي؟ هرڻ چوڻ لڳو.

شينهن جي مينيو ۾ هر جانور جو ٿورو ٿورو آئٽم شامل آهي. بگهڙ وضاحت ڪري ڇڏي.

هاڻ اوهان سڀني کي منجهند تائين اِتي ئي رُڪڻو پوندو. بگهڙ ڳالھه مڪمل ڪري ڇڏي. سڀني جانورن ۾ بي چيني وڌي وئي. گينڊوچوڻ لڳو گهٻرايو نه “ڪجھه حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجھه وڃائڻو ته پوندو آهي. پنهنجي پنهنجي جسم جي ٿوري ٿوري ٽُڪري جي قرباني ڏيڻ کانپوءِ ئي اسان سڀني جا ڪم ٿي سگهندا.. ان لاءِ سڀني کي متفق ٿيڻو پوندو.” گينڊي ڳالھه ختم ڪئي. ايئن سڀ جانور منجهند ٿيڻ جو انٽظار ڪرڻ لڳا.ته جيئن سندن ٿوري قرباني جي عيوض مسئلو حل ٿي وڃي….!!