لاهور (م ڊ) نواز ليگ چيو آهي ته حڪومت  جو شرين مزاري جي گرفتاري سان ڪو واسطو ناهي، شيرين مزاري تي زمين تي قبضي جا الزام آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ شيري مزاري کي گرفتار ڪرڻ تي نواز ليگ اڳواڻ ملڪ احمد خان جو چوڻ آهي ته قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو، ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي زمين تي قبضو ڪيو ويو. عطاءُ الله تارڙ جو چوڻ آهي ته اينٽي ڪرپشن پنجاب ۾ شيرين مزاري خلاف ڪيس داخل ڪيو هو، شرين مزاري کي عورت اهلڪارن عزت ۽ احترام سان گاڏي مان ڪڍيو، شيري مزاري تي تشدد جا ڪوڙا الزام هنيا پيا وڃن. عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته عمران خان 4 پراسيڪيوٽر تبديل ڪيا، بينڪنگ ڪورٽ جو جج تبديل ڪيو، پنهنجي مرضي جا جج مقرر ڪيا، نواز ليگ جي قيادت کي نوٽيس ڏياريا، بينڪرز کي گرفتاري کان اڳ ضمانت ڏياري، جج جو دائريڪار تبديل ڪرايو، هن چيو ته ساڍي چئن سالن کان سخت امتحان کي اسان منهن ڏئي رهيا آهيون، بي آر ٽي پشاور جي رپورٽ رڙيون ڪري چئي رهي آهي ته اربين رپين جي ڪرپشن ٿي، ڪوبه نيب ڪيس نه ٺهيو، بي آر ٽي، هيليڪاپٽر، بالم جبا، دوائن ۽ اٽي سميت سمورن اسڪينڊل کي بند ڪيو ويو، عمران کي ڪلين چٽ ڏني وئي، حساب عمران نيازي کي به ڏيڻ گهرجي.