شيخ ڀرڪيو (ن پ ا) شيخ ڀرڪيو پوليس شهرين هٿان پڪڙي پوليس حوالي ڪيل ٽن ڄڻن کي مقابلي ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي،  هڪ ڄڻي تي بلڙي شاھ ڪريم ٿاڻي تي ڦر جو ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس نجف کوسو ۽ آفتاب سارڻ  کي مقابلي ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي،  جڏهن ته  شير محمد خاصخيلي جي گرفتاري بلڙي شاھ ڪريم ٿاڻي تي ظاهر ڪئي وئي  مٿس ڦر جو ڪيس درج ڪيو ويو آهي. ٻي طرف ذريعن موجب   چار ڏينهن اڳ ڳوٺاڻي کان ڦر ڪرڻ جي ڪوشش جي الزام هيٺ  شهرين پاران ٽن ڄڻن  کي کي  پڪڙي پوليس حوالي ڪيو ويو هو، جن جي سڃاڻپ نجف کوسو، آفتاب سارڻ ۽ شير محمد خاصخيلي طور ڪئي وئي هئي.