شيخ رشيد ۽ راشد شفيق جي ضمانتن ۾ 25 نومبر تائين واڌ

0
114

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي جي ڪيسن ۾ شيخ رشيد ۽ راشد شفيق جي ضمانتن ۾ 25 نومبر تائين واڌ ڪر ڇڏي

شيخ رشيد عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته چـِلو شروع ڪرڻ کان 3 ڏينهن اڳ تائين منهنجي خلاف هڪ به ڪيس نه هو

هاڻي هيل تائين منهنجي خلاف 68 ڪيس ميدان ۾ اچي چڪا آهن، سرڪار اڄ وڌيڪ 23 ڪيسن ۾ تياريءَ جي استدعا ڪئي آهي

شيخ رشيد چيو ته هڪ هفتي اندر دنيا کي خبر پئجي ويندي ته منهنجي خلاف ڪيترا ڪيس داخل ٿيل آهن