لنڊن (دلچسپ نيوز) شيائومي اپريل کان جون تائين 2021 جي ٽن مهينن دوران پهريون ڀيرو دنيا جي ٻئي وڏي سمارٽ فون ڪمپني بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو هو ۽ ايپل کي ٽئين نمبر تي ڌڪي ڇڏيو هو.هاڻي وري پهريون ڀيرو هن سامسنگ کي پوئتي ڇڏيندي اول نمبرن ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمايو آهي.شيائومي سامسنگ کي پوئتي ڌڪيندي دنيا جي پهرين نمبر واري ڪمپني بڻجڻ جو اعزاز گهٽ ۾ گهٽ ٽن مهينن تائين پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي.رسرچ ڪمپني ڪائونٽر پوائنٽ جي رپورٽ موجب جون 2021 دوران شيائومي سام سنگ ۽ ايپل کان مٿي سمارٽ فونون وڪرو ڪيون.جون ۾ ڪمپني مئي 2021 جي مقابلي ۾ 26 سيڪڙو وڌيڪ موبائل فونون وڪرو ڪيون ۽ سڄي دنيا جي فون مارڪيٽ ۾ ان جو شيئر 17.1 سيڪڙو رهيو.رپورٽ ۾ اشارو ڏنو ويو آهي ته شيائومي جي اها برتري عارضي ٿي سگهي ٿي ڇو ته ويٽنام ۾ ڪورونا وائرس جي نئين وبا جي ڪري جون ۾ سامسنگ فونن جي پراڊڪشن متاثر ٿي، جنهن جي ڪري ان جي موجود فونن جي انگ ۾ گهٽتائي آئي.