ميرپورماٿيلو (ن پ ا) شھيد نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي سيڪنڊ سول جج جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، پوليس جوابدار اصغر لنڊ کي پيش ڪيو، عدالت ۾ شهيد نصرالله گڏاڻي جي امڙ ۽ ڪيس جي فريادڻ پٺاڻي گڏاڻي ۽ شاهد موجود هئا، فريادي ڌر پاران صلاح الدين پنهور ۽ عبيد الله گهوٽو وڪيل پيش ٿيا، جڏهن ته جوابدار اصغر لنڊ طرفان وڪيل قربان ملاڻو ۽ اصغر اعواڻ پيش ٿيا، ٻنهي ڌرين جي وڪيلن، شاهدن جي 164 وارو بيان رڪارڊ ٿيڻ يا نه ٿيڻ تي دليل ڏنا، ڪيس ۾ شهيد صحافي جي وڪيل پنهنجا دليل ڏيندي چيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي ايف اءِ آر ۾ اصل جوابدارن جا نالا ناهن ڏنا ويا، 162 جي بيان ۾ پڻ جاچ آفيسر اصل جوابدارن جا نالا کڻڻ باوجود ناهن ڏنا، جوابدار بااثر آهن، 164 کان روڪڻ لاءِ ڌمڪائي ۽ هراسان ڪري رهيا آهن، تنهن ڪري  164 جو بيان رڪارڊ ڪيو وڃي، جيئن اصل حقيقتون سامهون اچي سگھن، جوابدارن جي وڪيل قربان ملاڻو دليل ڏيندي چيو ته مقتول تي جڏهن حملو ٿيو ته هو اڪيلو هو، اهو سڀ ميڊيا تي پڻ رپورٽ ٿيو آهي، فوٽيجز پڻ موجود آهن، ڪورائي برادري جي ٽن ڄڻن صحافي کي اچي کنيو، گرفتار جوابدار بي قصور آهي، تنهن ڪري 164 جو بيان نه ورتو وڃي، عدالت ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد جاچ آفيسر طرفان  شاهدن جا 164 جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ واري درخواست منظور ڪندي شاهدن جا 164 جا بيان وٺڻ لاءِ ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.