شهيد شاهنواز ڀٽو جي 38 هين ورسي، نئون ديرو هائوس ۾ قرآن خواني

0
251
شهيد شاهنواز ڀٽو جي 38 هين ورسي، نئون ديرو هائوس ۾ قرآن خواني
شهيد شاهنواز ڀٽو جي 38 هين ورسي، نئون ديرو هائوس ۾ قرآن خواني

شهيد شاهنواز ڀٽو جي 38 هين ورسي جي موقعي تي نئون ديرو هائوس ۾ قرآن خواني، مختلف شهرن ۾ تقريبون رٿيل آهن

 پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاران شهيد شاهنواز ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي آهي

 بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته شهيد شاهنواز ڀٽو نوجوانن ۾ انقلابي سوچ ۽ ويئن جي علامت آهي، شهيد شاهنواز جي جمهوريت لاءِ ڏنل قرباني کي قوم کي سدائين ياد رکندي

هن جو چوڻ هو ته  اڄوڪو ڏينهن ياد ڏياري ٿو ته جمهوريت سان گڏ بيهڻ جي ڏوهه ۾ ڀٽو خاندان تي ظلمن جا ڪيڏا پهاڙ ڪيرايا ويا

 اڳوڻي صدر آصف زرداري به پنهنجي پيغام ۾ چيو ته شهيد شاهنواز ڀٽو جمهوريت پسند اڳواڻ هو، شهيد شاهنواز جو قتل ڀٽو خاندان ۽ ڀٽو خاندان جي عقيدتمندن لاءِ وڏو صدمو هو، جمهوريت جو روشن سج ڳڙهي خدابخش جي قبرستان مان شهيدن جي خون جي لالاڻ کڻي اڀري ٿو

آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته ارڙهين آئيني ترميم جمهوريت لاءِ جانيون قربان ڪندڙن جي جاکوڙ جي تڪميل آهي، اسان جي جاکوڙ اڃا جاري آهي، اسان محترما بينظير ڀٽو شهيد جو پاڪستان ٺاهينداسين