شهيد بينظير ڀٽو تي فائر ڪندڙ قاتل زنده آهي، عمران جي حڪومت غير جمھوري طريقي سان ڪيرائي وئي: مخدوم جميل الزمان جو انڪشاف

0
533

ڪراچي (انٽرويو+فقير سليم) پيپلزپارٽي جي ايم اين اي ۽ سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان انڪشاف ڪيو آھي ته شهيد بينظير جي قتل جي رٿابندي ڪندڙ اصل قاتل گرفتار ٿيڻ گهرجن، شهيد بينظير ڀٽو تي فائر ڪندڙ قاتل به زنده آهي

Benazir Bhutto was banned from attending the Rawalpindi meeting but she did not agree, Asif Zardari – IG News | IG News

پيپلز پارٽي جي ايم اين اي مخدوم جميل الزمان جو ٽائيم نيوز کي ڏنل خصوصي انٽر ويو ٽائيم نيوز تي اڄ شام 5 لڳي 10 منٽن تي نشر ڪيو ويندو

موٽر وي اسڪينڊل: گهوٻيون  هنيل رقم بينڪ ۾ رکرائي وياج به کاڌو ويو: مخدوم جميل الزمان

ايم سڪس موٽر وي اسڪينڊل بابت وڏي دعويٰ ڪندي مخدوم جميل الزمان چيو ته گهوٻيون  هنيل رقمون بينڪ ۾ رکرائي انهن تي وياج به کاڌو ويو

مخدوم جميل الزمان چيو ته موٽر وي ميگا اسڪينڊل جي ڪيترائي ادارا جاچ ڪري رهيا آهن، سموري جاچ جو فيصلو عدالتن مان ئي ايندو، اسڪينڊل جي حوالي سان مخدوم خاندان تي الزام ڪا نئين ڳالهه نه آهي، پارٽي ۽ خاندان جا دشمن اڳ به اسان جي ڪردار ڪشي جي ناڪام ڪوشش ڪندا رهيا آهن

عمران جي حڪومت غير جمھوري طريقي سان ڪيرائي وئي: مخدوم جميل الزمان

Pakistan Assembly to debate no-trust motion against Imran Khan for 3 days, vote on April 4 | Pakistan News

مخدوم جميل الزمان چيو تھ   عمران خان جي حڪومت غير جمهوري انداز ۾ ڪيرائي وئي، حڪومت ڪيرائڻ لاءِ آئين جي مختلف شقن جا حوالا ڏنا ويا، سڀاڻي بلاول وزيراعظم بڻيو ته ساڳين شقن جا حوالا ڏئي سندس حڪومت به ڪيرائي ويندي، عمران خان کي 5 سال پورا ڪرڻ ڏنا وڃن ها

پيپلزپارٽي جي ايم اين اي ۽ سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان چيو ته عمران خان کي قومي اسيمبلي ۾ واپس اچڻ گهرجي، عمران خان واپس آيو ته قومي اسيمبلي ڏانهن وڃڻ ۾ مزو به ايندو

پ پ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان جا پنھنجي پارٽي بابت انڪشاف

مخدوم جميل الزمان چيو ته پارٽيءَ اندر ويٺل اسان جا مخالف رڳو اسان کي ئي نه پر پارٽيءَ کي به بليڪ ميل ڪري رهيا آهن