شھدادڪوٽ ( رپورٽر ) شھدادڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ڪلر بروھي ۾ 11 ھزار بجلي جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ ڪري 13 سال جي ڪلثوم ڌيءُ نور احمد بروھي فوت ٿي وئي، جڏهن ته 6 سال جو عنايت الله ولد محمد حسين بروھي 11 ھزار بجلي جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيو، زخمي نينگر کي علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو، ڳوٺاڻن ميڊيا کي ٻڌايو ته واپڊا عملدارن جي لاپرواھي جي ڪري 11 ھزار بجلي جون تارون تمام ھيٺ آهن، 11 ھزار بجلي جون تارون گهرن مٿان گذرن ٿيون، نينگري فوت ٿي وئي جڏهن ته 6 سال جو نينگر سخت زخمي ٿي پيو، ذميوار ايس ڊي او سيپڪو شھدادڪوٽ عذير پٺاڻ آهي، مٿس غفلت جو ڪيس داخل ڪرائينداسين.