شھدادڪوٽ )رپورٽر (شھدادڪوٽ ۾ ٽانوري شاخ مان پاڻي چوري ڪرڻ خلاف آبادگارن ڪوٽو موٽو چوڪ تي محمد علي چانڊيو، جاويد چانڊيو، الطاف حسين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ايريگيشن انجنيئر ۽ ايس ڊي او بااثر سياسي ماڻهن کي ٽانوري شاخ مان غيرقانوني واٽر ڪورس ٺاھي ڏنو آھي. هنن چيو ته اسان جي حصي جو پاڻي سياسي بااثر آبادگار زوري کڻي رھيا آھن، اسان جون آباد زمينون غيرآباد ٿي ويون آھن. اڳواڻن گهر ڪئي ته واٽر ڪورس بند ڪرايو وڃي ۽ اسان کي پاڻي ڏنو وڃي نه ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.