شھدادڪوٽ ( رپورٽر )شھدادڪوٽ شھر جي 4 محلن ھيراباد باقرآباد سيف الله ڪالوني ۽ مستوئي محلي ۾  گذريل 15 ڏينھن کان سوئي گيس جي بندش تي شھرين ۽ محلي واسين پاران گيس انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سجاول ڦاٽڪ تي   ٽائرن کي باھيون ڏيئي ڌرڻو ھڻي فوري طور گيس ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي .  ان موقعي تي شھرين حاجي محمد رفيق لانگاھ طارق حسين کوسو منير احمد چانڊيو محمد رمضان کوسو غلام عباس کوسو مير حسن مڱڻھار اصغر کوسو سميت ٻين ميڊيا وارن اڳيان دانهيندي چيو آهي ته سوئي گيس انتظاميا جي سنگين غفلت  نااھلي ۽ لاپرواھي جي ڪري   گذريل 15 ڏينھن کان 4 محلن جنهن ۾ ھيرآباد باقرآباد سيف الله ڪالوني ۽ مستوئي محلي جي ھزارين گھرن جو گيس بند آھي جنھن سبب عورتون ۽ ٻارڙا سخت پريشان آھن شھرين چيو ته سڀاڻي عيد جو ڏينھن آھي پر انتظاميا گيس جي بحال نه ڪيو آھي جنھن سبب اسين گهرن ۾ قرباني جو گوشت به پچائي نه سگهنداسين .  شھرين وزيراعظم شھباز شريف سميت ٻين اعليٰ ادارن کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته شھر چئن محلن ۾ گيس جي سپلائي بند ٿيڻ جو نوٽيس وٺي فوري طور تي متاثر ٿيل محلن ۾ گيس ڏيئي شھرين کي عيد ڪرڻ سان گڏ جيئڻ جو بنيادي حق ڏيئي شھرين مان پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ نااھل گيس انتظاميا خلاف عيد جي ڏينهن سخت احتجاج ڪري ڌرڻو ھنيو ويندو .