شھدادڪوٽ (رپورٽر) شهدادڪوٽ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد نورجھان ڪالوني ۾ جوابدار حاجي جمالي ٽي ٽي پسٽل جا فائر ڪري پنهنجي پاڙيسري بيواھ عورت 40 سال جي حليمان زال منير احمد لانگاھ کي گوليون ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو. اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي عورت جو لاش تعلقي اسپتال پھچايو، پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.پوليس موجب گهر اچڻ کان روڪڻ تي جوابدار حاجي جمالي بيواھ حليمان لانگاھ کي قتل ڪيو. ٻئي طرف مقتول عورت جي پٽ محمد علي لانگاھ ميڊيا کي ٻڌايو ته جوابدار حاجي جمالي اسان جو پاڙيسري آهي، ان کي گهر اچڻ تي منع ڪيو، حاجي جمالي اسان جي گهر ۾ داخل ٿيو ته امڙ ننڊ مان سجاڳ ٿي مزاحمت ڪئي ته اسان جي گهر ڇو آيا آهيو، مزاحمت ڪرڻ تي جوابدار امڙ کي گوليون ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو، جوابدار کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.