شھدادڪوٽ ( رپورٽر ) شھدادڪوٽ ۾ عيد جي موقعي تي به بجلي جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ شھرين جا حال ھيڻا ڪري ڇڏيا. واپاري اڳواڻن انيل ڪمار، گرناڻي وشال پلياڻي وزير علي کوسو، شھيد ڀٽو اڳواڻ منيراحمد بروھي، ايس ٽي پي اڳواڻ امداد سومرو، ايس يو پي اڳواڻ الھداد خشڪ، مسلم ليگ ن اڳواڻ ڪامريڊ شعبان جمالي، سنڌ آبادگار بورڊ اڳواڻ  حبيب الله جروار سميت ٻين وزيراعظم شھباز شريف بجلي ۽ پاڻي جي وفاقي وزير سميت اعليٰ ادارن کي مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته شھدادڪوٽ ۾ گذريل 12 ڪلاڪن کان وٺي بند  پيل بجلي جو نوٽيس وٺي فوري طور بجلي بحال ڪرائي شھرين کي جيئڻ جو بنيادي حق ڏنو وڃي .