شھدادڪوٽ / بھرام(نمائندن وٽان) ايس ڪي ٽي ڪئنال مان نڪرندڙ مستوئي شاخ سميت ٻين شاخن ۾  زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ ۽ آبپاشي ڪامورن جي نااهلي خلاف شھري جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ڪامريڊ نصير سيلرو جي اڳواڻي ۾ قمبر لاڙڪاڻي روڊ تي رڪاوٽون وجهي احتجاجي مظاهرو ٽائرن کي باھيون ڏيئي ڌرڻو ھڻي مستوئي شاخ سميت ٻين شاخن  ۾ پاڻي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. ان موقعي تي  اڳواڻن محمد ابراھيم سيلرو، برڪت علي بروھي، ڪامريڊ نصير احمد سيلرو، عطاءُ الله مگسي سميت ٻين ميڊيا سان ڳالهيندي چيو آهي ته ايس ڪي ٽي ڪئنال جي انجنيئر ۽ آبپاشي  عملدارن جي ملي ڀڳت سبب مستوئي شاخ ۾ زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي. هنن چيو ته جڏهن درياءَ ۾ ٻوڏ جھڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي سنڌو درياءَ ۾ پاڻي گهڻو آهي ڪامورن ۽ بااثر ماڻهن جي ملي ڀڳت سبب پاڻي چوري ڪيو ٿو وڃي، جنهن ڪري اسين هن مهل تائين  ساريالي فصل جو ٻيجارو به پوکي نه سگهيا آهيون. پاڻي نه هجڻ ڪري پکي، چوپايو مال به اڃ وگهي مري رهيا آهن. اڳواڻن پ پ پ چيئرمين  بلاول ڀٽو آبپاشي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو سميت ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته ايس ڪي ٽي ڪئنال مان نڪرندڙ مستوئي شاخ سميت ٻين سمورين شاخن جي پڇڙيءَ تائين پاڻي پهچائي آبادگارن، ھارين ۽ علائقي واسين ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ ڌرڻو جاري رھندو.