شهدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ ۾ وڌندڙ گندگي خلاف ايس ٽي پي ڪارڪنن ڪوٽو موٽو چوڪ تي امداد سومرو، ڪامريڊ حيات تونيو، رشيد مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته شهر گندگي جو ڍير بڻجي ويو آهي، ڊرينيج نظام تباھ هئڻ ڪري روڊن تي گٽرن جو پاڻي بيٺل آهي، عيد کي 10 ڏينهن گذرڻ باوجود قرباني جي جانورن جا اوجهه ۽ باقيات اڃان تائين شھر جي مختلف روڊن ۽ گھٽين ۾ پيل آهن، جنهن ڪري شھر ۾ بدبوءِ پکڙجي وئي آهي. هنن چيو ته برسات جو پاڻي قبو روڊ، ڳڙھي خيرو روڊ، غريب، مستوئي محلا ۽ زوھيب آباد محلا سميت ٻين ھنڌن تي تلائن جي صورت ۾ بيٺل آهي. ميونسپل ۾ وائيٽ ڪالر ملازم ڀرتي ڪيا ويا آهن، جيڪي چيئرمين جي بنگلي جا ملازم آهن. اڳواڻن گهر ڪئي ته شھدادڪوٽ ميونسپل ڪاميٽي ۾ ڪرپشن جو نوٽيس وٺي وائيٽ ڪالر ملازمن جي نوڪري ختم ڪري شھر ۾صفائي ڪرائي وڃي.