شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور جي عدالت جوا کيڏڻ جي الزام هيٺ گرفتار 8 جوارين کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو، شاهپورچاڪر پوليس ڳوٺ بهادر ڏاهري وٽ جوا جي اڏي تي ڇاپو هڻي 8 جوارين کي گرفتار ڪري جوارين ۾ علي عباس، لال چند، نارو، آصف، معراج، زاهد، ستار ۽ ساجد وٽان تاش جا 104 پتا، داءُ تي لڳايل 7 هزار روڪ ۽ 12 موبائل فونون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، پوليس گرفتار جوارين کي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت جوابدارن کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.