شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ڀرسان هاف فراءِ ڪيل جوابدار عدالت ۾ پيش، جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي، رپورٽ موجب هڪ هفتو اڳ ملدسي روڊ تي ٽالپر رستي وٽ مبينا پوليس مقابلو ڄاڻائي ھاف فراءِ ڪيل جوابدار ٽنڊوآدم واسي ممتاز عرف دلبر ٻرڙو کي پوليس پاران علاج بعد حيدرآباد اسپتال مان شھدادپور جي سڪنڊ سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ ريحان عبدالهادي ميمڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي ڪيس جي جاچ آفيسر ڪيس جا دستاويز پيش ڪندي عدالت کي آگاھ ڪيو ته جوابدار ڏوهاري آهي، مٿس شھدادپور ٿاڻي تي 2 ڪيس داخل ٿيل آھن، جنهن بعد عدالت جوابدار کي رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.