شهدادپور (ن پ ا) ٽنڊوآدم ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ ڏوھاري ھاف فراءِ، پسٽل ھٿ اچڻ جي دعويٰ، ڪيس داخل. ٽنڊوآدم تعلقي پوليس جلال مري وٽ مبينا ڏوهه جي ارادي سان بيٺل 3 ھٿياربندن ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ٿي پيو، پوليس موجب ڏوهه جي ارادي سان بيٺل جوابدارن پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار عزيز چانڊيو کي جوابي فائرنگ ۾ ٽنگ ۾ گولي لڳي جنهن بعد زخمي حالت ۾ کيس گرفتار ڪري وٽانئس پسٽل هٿ ڪيو ويو. جڏهن ته 2 جوابدار فرار ٿي ويا. هوڏانهن پوليس زخمي نوجوان کي تعلقي اسپتال آندو جتان طبي امداد ڏيڻ کان پوءِ کين حيدرآباد نيو ويو. جڏھن ته علائقي ۾ چوٻول آھن ته پوليس پاران ھاف فراءِ ڪيل عزيز چانڊيو کي 3 ڏينھن اڳ گرفتار ڪيو ھو، جنھن کي مبينا مقابلو ڄاڻائي ھاف فراءِ ڪيو ويو آهي.