اسلام آباد (م ڊ) نواز جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ مريم نواز سعودي عرب ۾ عيد ملهائي ڇڏي، وزيراعظم شهباز شريف لاهور ۾ عيد ملهائيندو، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان به لاهور ۾ ئي عيد ڪندو، پ پ چيئرمين بلاول نئون ديرو ۾ عيد ملهائيندو، جڏهن ته جي يو آءِ سربراهه فضل الرحمان ڊيرا اسماعيل خان، نواز ليگ اڳواڻ رانا ثناءُالله فيصل آباد، احسن اقبال نارووال، ۽ صدر عارف علوي اسلام آباد ۾ عيد ملهائيندو.