لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر شهباز گِل جي ڀاءَ جي بازيابي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جسٽس امجد رفيق شهباز گل جي ڀاءَ بازيابي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالتي حڪم تي انسپيڪٽر جنرل پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو.  جسٽس امجد رفيق رمارڪس ڏيندي چيو ته سموريون ايجنسيون عدالت جو حڪم مڃڻ جون پابند آهن. پوليس هڪ ماڻهو ڳولي نٿي سگهي ته پوءِ اسان ڪنهن کي ڏسون؟ پوليس جو عدالتن سان به اهو رويو آهي سڀاڻي اهي ئي ماڻهو عدالتن ۾ رليف لاءِ بيٺا هوندا، اسان جي سامهون روز هڪ پوليس اهلڪار بيهندو آهي ته اسان کي ٿورو وقت ڏيو اسان ڳولهي رهيا آهيون، جنهن تي انسپيڪٽر جنرل چيو ته حڪومت ان ڪم لاءِ آرگنائزڊ ڪرائم يونٽ ٺاهيو آهي، جسٽس امجد رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن توهان کي آرگنائزڊ ڪرائم يونٽ ۾ وٺي وڃي رهيا آهن ته پوءِ اسان کي ٻڌايو ڪير يرغمالي کي کڻي ويو ڇا طالبان هئا، ڪهڙا ماڻهو هئا توهان وٽ اهڙن ماڻهن جي لسٽ هوندي، آءِ جي پنجاب ٻڌايو ته يرغمالي جي آخري لوڪيشن بحريه ٽائون جي آهي، اسان کي جيو فينسسنگ لاءِ ڊيٽا گهرجي، اسان کي جيو فينسنگ لاءِ اجازت ڏني وڃي، جنهن تي عدالت چيو ته اسان کي اجازت ڏيڻي آهي؟  ايترا معصوم آهيو توهان؟ آءِ جي جواب ڏنو ته هاءِ ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ اسان کي جيو فينسنگ جي ڊيٽا ناهي ملي رهي، موبائل ڪمپنيون اسان کي ڊيٽا ناهن ڏئي رهيون توهان جي اجازت هوندي ته اسان کي ڊيٽا ملندي. جسٽس امجد رفيق وڌيڪ رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن آءِ بي ڪجهه نه ڪندي ته اسان ايف آءِ اي کي چونداسين جيڪڏهن اها به نه ڪندي ته اسان آءِ ايس آءِ کي چونداسين ۽ آخر ۾ پاڪستان جي عوام کي چوندس ته توهان ماڻهو ڳولي ڏيو. عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 4 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.