شهباز شريف پيپلزپارٽي ۽ اَي اين پي کي پي ڊي ايم ۾ ٻيهر شموليت لاءِ باضابطه دعوت ڏئي ڇڏي

0
347

اسلام آباد: اپوزيشن ليڊرشهباز شريف پيپلزپارٽي ۽ اَي اين پي کي پي ڊي ايم ۾ ٻيهر شموليت لاءِ باضابطه دعوت ڏئي ڇڏي، ٻنهي جماعتن مشاورت لاءِ وقت گهري ورتو، شهبازشريف اپوزيشن جَي پارلياماني اڳواڻن لاءِ ڏنل ڊنر وارِي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته، حڪومت هر شعبي ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، ملڪي مفادن خاطر حڪومت خلاف گڏجي هلڻ ضروري آهي، شهبازشريف قومي اشوز تي اپوزيشن جَي اتحاد تي زور ڀريو ۽ چيو ته، بجيٽ سيشن ۾ حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ گهرجي، يوسف رضا گيلاني خطاب ڪندي چيو ته، اپوزيشن کي هڪٻئي تي الزام لڳائڻ بدران حڪومتي ناڪامين کي وائکو ڪرڻ گهرجي، حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ اپوزيشن متحد ٿئي…………