سنڌ پوليس ناڪام ٿي چڪي آهي، رينجرز اچي ڪنٽرول سنڀالي: وفاقي وزير اسد عمر

0
486

سکر: وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته سنڌ پوليس کي تحفظ جي ضرورت آهي، جيڪا پوليس پنهنجو تحفظ نٿي ڪري سگهي اها عوام جو ڇا ڪندي؟ سادات هائوس روهڙي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته پوليس ناڪام ٿي چڪي آهي، رينجرز اچي ڪنٽرول سنڀالي. هن چيو ته سنڌ حڪومت رڳو ڪرپشن ڪئي آهي، لاڙڪاڻي ۾ اربين رپين جو پيڪيج ڪٿي نظر ئي نٿو اچي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ ۾ الڳ صوبي جي ڳالهه ڪرڻ هالتن کي خراب ڪرڻ جي برابر آهي، وفاقي وزير چيو ته مرغي مهانگي ضرور ٿي آهي پر اهو به ڏٺو وڃي ته معيشت بهتر ٿي آهي، ايڪسپورٽ ۾ 10 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.