شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهي ڇڏيو، پرڏيهه ويو ته واپس گهرائڻ مشڪل ٿي ويندو: شيخ رشيد

0
344

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير شيد رشيد چيو آهي ته شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهي ڇڏيو، آهي، شهباز شريف پرڏيهه ويو ته نواز شريف جيان کيس واپس گهرائڻ ڏکيو ٿي ويندو، نيب جا ڪيس به رولڙي جو شڪار ٿي ويندا، شهباز شريف جي گهر جا 5 ڀاتي اڳ ئي پرڏيهه فرار ٿي چڪا آهن، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران شيخ رشيد چيو ته شهباز شريف ضمانت ڏني هئي ته هو نواز شريف کي ڏيهه واپس آڻيندو، اپوزيشن ليڊر حڪومت کي ڪا به ميڊيڪل دستاويز جمع ناهي ڪرائي، جنهن ڏينهن عدالتي فيصلو آيو شهباز شريف ان ئي ڏينهن ٽڪيٽ بڪ ڪرايو، شهباز شريف جي خلاف 4 ماڻهو سلطاني گواهه بڻجي چڪا آهن، شيخ رشيد چيو آهي ته اپوزيشن ليڊر چاهي ته 15 ڏينهن ۾ درخواست داخل ڪرائي سگهي ٿو، ڊيل بابت مون وٽ ڪا به معلوم نه آهي، آرمي چيف واضح ڪري چڪو آهي ته فوج جمهوريت حڪومت سان گڏ هوندي، فلسطين تي ڳالهائيندي وفاقي وزير جو چوڻ هو ته غزه جي صورتحال تي پورو اسلام ڏکايل آهي، فلسطين جي صورتحال تي قومي اسيمبلي ۾ ٺهراءُ آڻينداسين، سيڪيورٽي ڪائونسل اجلاس گهرائڻ لاءِ چين اهم ڪردار ادا ڪيو، عمران خان جو ڪيس اپوزيشن جي وس کان ٻاهر آهي، عمران خان ملڪ کي بحرانن مان ڇوٽڪارو ڏياريندو..