شلپا شيٽي ۽ راج ڪندرا خلاف فراڊ جو ڪيس داخل

0
174
شلپا شيٽي ۽ راج ڪندرا

ممبئي(شوبز نيوز) ناليواري باليووڊ اداڪارا شلپا شيٽي ۽ ان جو مڙس راج ڪندرا هڪ ڀيرو ٻيهر مسئلي ۾ پئجي ويا آهن.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ممبئي پوليس اسٽيشن ۾ اداڪارا شلپا شيٽي، ان جي مڙس راج ڪندرا ۽ ٻين ڪجهه ماڻهن خلاف 1.5 ڪروڙ ڀارتي رپين جي فراڊ جي الزام ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

رپورٽ موجب شڪايت ڪندڙ دعويٰ ڪئي ته ڪاشف خان، شلپا شيٽي، راج ڪندرا ۽ ٻين ان سان رابطو ڪيو ۽ ان کي منافعي جي واعدي سان فٽنس پروگرام ۾ رقم لڳائڻ جي لاءِ راضي ڪيو، پر جيڪو ٿيو ان جي ابتڙ هو ۽ نتيجي ۾ کيس ڌمڪيون ڏنيون ويون.شڪايت ڪندڙ ٽي وي چينل ڪي ايم ڊي ڪاشف خان تي معاهدي جي ڀڃڪڙي ۽ فراڊ جو الزام لڳايو.ان حوالي سان شلپا شيٽي، راج ڪندرا، ڪاشف خان ۽ ٻين مان ڪنهن به هن وقت تائين ڪا وضاحت ناهي ڏني

ھي به پڙھندا

شلپا شيٽي باس پوري ڪرڻ لاءِ اڌ ٺوڙهي ٿي وئي