شرجيل ميمڻ،سسئي پليجو، سڪندر شورو ۽ ٻين اميدوارن فارم وصول ۽ جمع ڪرائي ورتا

0
181
شرجيل ميمڻ،سسئي پليجو، سڪندر شورو ۽ ٻين اميدوارن فارم وصول ۽ جمع ڪرائي ورتا
شرجيل ميمڻ،سسئي پليجو، سڪندر شورو ۽ ٻين اميدوارن فارم وصول ۽ جمع ڪرائي ورتا

ڪراچي: 8 فيبروري تي عام چونڊن لاءِ سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ اميدوارن پاران نامزدگي فارم وصول ۽ جمع ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي

 اڳوڻو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ صوبائي تڪ پي ايس 61 ٽنڊو ڄام تان چونڊ وڙهڻ لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيو

شرجيل ميمڻ راول هائوس کان گاڏين جي ريلي جي صورت ۾ آر او آفيس پهتو، بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو لاڙڪاڻي جي صوبائي تڪ پي ايس 11 تي چونڊ وڙهڻ لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيو

ميرپور خاص جي قومي تڪ اين اي 211 تي پ پ جي ناراض اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم اين سيد علي نواز شاهه نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيو

صوبائي تڪ پي ايس 46 تي سندس پٽ سيد شجاع شاهه به نامزدگي فارم جمع ڪرايو، ٻئي اڳواڻ ريلي جي صورت ۾ آر آو آفيس پهتا

ٺٽي جي قومي تڪ اين اي 225 ۽ صوبائي تڪ  پي ايس 76 ساڪرو تي سسئي پليجو ۽ سندس ڀاءَ بئرسٽر سرمد پليجو لاءِ نامزدگي فارم وصول ڪيا ويا

پيپلزپارٽي جي اڳوڻي ايم پي اي سڪندر شورو ڄامشورو جي قومي تڪ اين اي 126 ۽ ڪوٽڙي جي صوبائي تڪ پي ايس 78 تي چونڊ وڙهڻ لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا

فيض گنج جي صوبائي تڪ پي ايس 31 تي پيپلزپارٽي خلاف ميدان ۾ لٿل هاري آبادگار اتحاد جي اميدوار مصطفيٰ حسن نامزدگي فارم وصول ڪيو

 مصطفيٰ حسن سوين عورتن سان گڏ آر او آفيس پهچي نامزدگي فارم ورتو