شديد گرمين ۾ بجليءَ کان محروم ڪيل سنڌ

0
17
ڦٽين جي آبادگارن سان نا انصافي: سنڌ حڪومت مداخلت ڪري!

شديد گرميءَ جي ڏهاڙن ۾ سنڌ ۾ 16 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ جي نالي ۾ بجلي بند ڪئي پئي وڃي. گرميءَ وگهي ماڻهن جي مرڻ جون خبرون رپورٽ ٿي رهيون آهن. موسميات کاتي طرفان وسڪاري جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، ۽ هن وقت ئي بجليءَ جي اها حالت آهي. ڪو وڏ- ڦڙو وسي ٿو ته بجلي ڪمپنيون، جيڪي رڳو ڪڪر ڏسي بجلي بند ڪري ڇڏينديون آهن، اهي صورتحال وڌيڪ خراب ڪري سگهن ٿيون.

هن جديد دور ۾ ميونسپل سهولتن کان وٺي صنعت ۽ ڪاروبار تائين هر ڪرت ۽ سهولت بجليءَ جي وهڪ تي آڌاريل آهي. پيئڻ جي پاڻيءَ جي فراهميءَ کان وٺي گندي پاڻيءَ جي نڪاسيءَ جي نظام تائين بجليءَ جي موجودگيءَ سان مشروط آهن. سنڌ ۾ جڏهن 16-16 ڪلاڪ بجلي بند رهندي ته اهو سمجهڻ مشڪل ناهي ته عوام کي ڪهڙيون ميونسپل سهولتون ملنديون ۽ صنعت ۽ ڪاروبار ڪهڙي ترقي ڪري سگهندا. هن وقت لوڊشيڊنگ سبب سڀ کان وڌيڪ سنڌ ڀوڳي رهي آهي، سنڌ کي ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت جي سزا ڏني پئي وڃي. ٻيو ته رڪوري گهٽ ٿيندڙ علائقن ۾ گهڻي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، جيڪا به انهن واهپيدارن سان بيواجبي آهي، جيڪي بل باقاعدگيءَ سان ادا ڪن ٿا. باقيدارن جي سزا انهن ماڻهن کي بجليءَ کان محروم ڪري ڇو ٿي ڏني وڃي؟ ٻيو ته بلن جي اوڳاڙي نه ڪري سگهڻ بجلي ڪمپنين جي عملي جي نا اهلي آهي، ان نا اهليءَ جي سزا عوام ڇو ڀوڳي؟ جيڪي لائين لاسز ڏيکاريا وڃن ٿا، اهي هڪ ته بجليءَ جي پراڻي انفراسٽرڪچر سبب ٿين ٿا، ٻيو ته گهڻي بجلي، انهن ڪمپنين جو عملو پاڻ غير قانوني طور وڪڻي ٿو. اها چٽي به باقاعدگيءَ سان بل ادا ڪندڙ واهپيدارن کان ڀرائي وڃي ٿي.

افسوس اهو آهي ته، سنڌ جا اختيار ڌڻي بجليءَ کان محروم ڪري عذابن جي ‘تحت الثريٰ’ ۾ اڇلايل ماڻهن جا ڀرجهلا ٿي بيهڻ لاءِ به تيار ناهن. غريب ۽ وچولي طبقي جا ماڻهو  پنهنجي زندگيءَ جي وهنوار ۽ سهولتن لاءِ گرڊ اسٽيشنن جي بجليءَ تي انحصار ڪن ٿا، باقي جيڪي سرنديءَ وارا آهن انهن جي بجليءَ جي متبادل ذريعن تائين رسائي آهي. جنريٽر کان سولر پينل تائين انهن کي هر سهولت ميسر آهي ۽ بجلي آهي يا نه آهي، بجلي اچي ٿي يا وڃي ٿي، ان جو انهن جي زندگيءَ جي معمول تي ڪو به اثر نٿو ٿئي. رهي ڳالهه هن ديس جي مسڪين ماڻهن جي، ته بجلي ڪمپيون به انهن کي ئي ستائي، سندن جيئڻ جنجال ڪري رهيون آهن. هاڻي ته بجلي بندش خلاف احتجاج شروع ٿي ويا آهن. انهن احتجاجن جو ڳڻتيءَ جوڳو رخ انهن جو پرتشدد ٿيڻ آهي. سنڌ جي حڪمرانن کي آخر اها ڳالهه سمجهه ۾ ڇو نٿي اچي ته ان سان “لا اينڊ آرڊر” جو مسئلو پيدا ٿيندو، جيڪو پڻ انتشار ۽ افراتفريءَ جو سبب بڻجندو. مرڪز ۾ پ پ پ جي حڪمرانيءَ دوران جڏهن بجليءَ جو بحران پيدا ٿيو هو، تڏهن پنجاب ۾ وڏي پئماني تي احتجاج شروع ٿي ويا هئا ۽ پڙهندڙن کي ياد هوندو ته پنجاب جي تڏهوڪي وڏي وزير شهباز شريف پڻ احتجاجن جي قيادت ڪئي هئي. هتي اسان جو مطلب اهو ڪونهي ته سنڌ جا حڪمران به احتجاجن جي قيادت ڪن اسان ته رڳو اهو ٿا چئون ته اهي هن وقت عوام کي اڪيلو نه ڇڏين ۽ وفاقي حڪمرانن وٽ سنڌ جو اهو اهم مسئلو بردباريءَ سان ۽ بنان ڪنهن اگر مگر جي رکن.

واڌو ۽ ڪوڙا بل، ڊٽيڪشن بل موڪلڻ ۽ سنڌ ۾ بجليءَ جي واهپيدارن کي اجايو تنگ ڪرڻ کان پوءِ وري ڪيترن ئي علائقن ۾ بهانا ڪري بجليءَ کان ئي کُتو جواب ڏنو ويو آهي. سنڌ جا ماڻهو غير انساني حالتن ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. سنڌ جي حڪمرانن کي اسان اهو چوڻ جي ضرورت ٿا محسوس ڪريون ته سنڌ ۾ بجليءَ جي بندش، بريڪ ڊائون، لوڊ مئنيجمينٽ جي نالي ۾ ڊگهي ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جي آزار مان نجات لاءِ وفاقي حڪومت وٽ معاملو کنيو وڃي. سنڌ جي عوام جي ان اهم مسئلي کان لاتعلقي اختيار نه ڪئي وڃي.