شاگردن جو سال ۽ پئسا ضايع ڪندڙن کي سزا ملندي !؟

0
219
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

انتظامي ڪوتاهيون يا ناڪاميون  هر کاتي يا اداري ۾ گهر ڪري ويون آهن جنهن ڪري  فراڊ ڪرڻ آسان ۽ معمول بڻجي ويو آهي، جيڪڏهن انهي فراڊ سان  پئسن جو نقصان آهي   ته ماڻهو عارضي طور مٿو پٽي خاموش ٿي وڃي ٿو ۽ وري ان جي پوراءَ ۾ لڳي وڃي ٿو پر جڏهن وقت جو زيان ٿي وڃي ته ان جو پوراءَ ڪرڻ ممڪن ئي ناهي. ٻين کاتن ۾ ته ڇڏيو پر تعليم  ۾ اهڙي قسم جون شڪايتون گهڻي وقت کان ظاهر ٿينديون رهنديون آهن ڪڏهن هڪڙي شهر مان ته ڪڏهن ڪنهن ٻئي شهر مان، ڪاليج جو مسئلو هجي يا اسڪول جو پر انهن جو تدارڪ ڪرڻ يا ان معاملي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪو اپاءَ نظر نه ايندو آهي  نه ئي اهڙا فراڊ ڪندڙن خلاف ڪا ڪارروائي ٿيندي آهي جنهن ڪري هڪ ئي ڌڪ سان سوين شاگردن جو سڄو سال ضايع ٿي ويندو آهي. اهڙو ئي فراڊ تازو ٿيندڙ امتحانن ۾ ظاهر ٿيو آهي اهو به ڪنهن هڪ شهر ۾ نه پر ڪيترن ئي شهرن مان ساڳئي ئي قسم جون خبرون رپورٽ ٿيون آهن ته ڪيئن پئسن جي لالچ ۾ لاڳاپيل ملازمن سوين شاگردن جو سڄو سال ضايع ڪري ڇڏيو.

روزاني پنهنجي اخبار ۾ هڪ ئي ڏينهن پنو عاقل ڊگري ڪاليج ،باڊهه گرلز ڪاليج ۽ ڏوڪري ڪاليج جي سوين شاگردن کي امتحانن جون سلپون نه ملڻ جو خبرون ڇپيون آهن جڏهن ته ڪجهه کي وري جيڪي امتحاني سلپون ڏنيون ويون اهي نقلي ظاهر ٿيون آهن بظاهر ته اهو فراڊ اتان جي ڪلارڪن جي ڪارستاني ٻڌايو يا سمجهيو پيو وڃي پر انهي ڌنڌي ۾ گهڻا ماڻهو ملوث هوندا جيڪي ڪجهه ڏوڪڙن جي لالچ ۾ شاگردن جو مستقبل تباهه ڪري ٿا ڇڏين. لطيف يونيوسٽي سان لاڳاپيل ڪاليجن ۾ بي ايس سي ۽ بي اي جا امتحان هلي رهيا آهن جڏهن مٿي ڄاڻايل ٽنهي ڪاليجن ۾ شاگرد پيپر ڏيڻ پهتا ۽ اتي لطيف يونيورسٽي جي ٽيم پهچي سلپون چيڪ ڪيون ته انهن مان گهڻن شاگردن جون سلپون نقلي هيون جڏهن ته سوين شاگرد جن فارم ڪاليج انتظاميا وٽ جمع ڪرايا انهن کي سلپون  جاري ئي نه ٿيون. چيو وڃي ٿو انهن ڪاليجن جي ڪلارڪن شاگردن طرفان جمع ڪرايل فيس يونيورسٽي ۾ جمع ئي نه ڪرائي ۽ نقلي سلپون ٺاهي شاگردن کي ڏنيون ويون،جنهن ڪري انهن شاگردن کي امتحان ۾ ويهڻ ئي نه ڏنو ويو.اهو ڪو پهريون دفعو شڪايت سامهون نه آئي آهي اڳ ۾ به ڪيترا ڀيرا ڪاليج سائيڊ توڙي بورڊ جي امتحانن ۾ اهڙي قسم جون شڪايتون ٿينديون رهيون آهن پر انهن جو ڪو تدارڪ نه ڪيو ويندو آهي، جنهن ڪري متاثر شاگردن وٽ پئسن سان گڏ پنهنجو سال وڃائڻ کانسواءِ ٻي ڪا واٽ نه هوندي آهي خبر ناهي ته انهن مان ڪيترا شاگرد وري ٻئي سال امتحان ڏيڻ جهڙا رهيا هوندا يا انهن پنهنجي تعليم اڌوري ڇڏي ڏني هوندي ؟

اسان سمجهون ٿا ته هي ڪو ننڍڙو فراڊ ناهي جنهن تي لاڳاپيل اختياريون اهي يونيورسٽي جون هجن يا انهن ڪاليجن جون يا وري تعليم کاتي جون،  جو چپ ڪري ويهي رهن.هن معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي ته سنڌ جي انهن شاگردن جو مستقبل ڪنهن انفرادي لالچ جي ور چڙهيو آهي يا اهو ڪو گروهه آهي جيڪو هر ڀيري ڪنهن نه ڪنهن شهر جي شاگردن سان واردات ڪري لکين رپيا کائي ٿو وڃي.   انهن ڪردارن کي پنهنجي منطقي انجام تي پهچائي اڳتي لاءِ اهڙي فراڊ جي رستا روڪ ڪئي وڃي جيئن شاگردن جو سال ۽ پئسا ضايع ٿيڻ کان بچي سگهن.