ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد خان آفريديءَ چيو آهي ته بابراعظم کي شاهين جي ڪپتاني ۾ کيڏڻ گهرجي ها اهڙي طرح سندس عزت منهنجي ۽ دنيا جي نظرن ۾ اڃا وڌي وڃي ها.  ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد آفريدي چيو ته جيڪڏهن بابر اعظم ماضي ۾ اسٽينڊ وٺي ۽ چوي ها ته شاهين جي ڪپتاني ۾ کيڏڻ چاهيان ٿو ته منهنجي ۽ دنيا جي نظر ۾ بابر اعظم جي عزت اڃا وڌي وڃي. شاهد آفريدي هڪ ڀيرو وري شڪايت ڪندي چيو ته شاهين کي ڪپتان بڻايو ۽ هڪ سيريز جي ناڪامي بعد کيس فوري طور ڪپتاني تان هٽايو ويو جيڪو غلط طريقو هو . ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دوران قومي ٽيم ۾ ڌڙابندي بابت تبصرو ڪندي اڳوڻي ڪپتان چيو ته ڌڙابندي ڪنهن به ڪپتان کي ڪمزور بڻائي ڇڏيندي آهي. سندس چوڻ هوته گروپ ٺهڻ سبب ڪپتان ڪمزور ٿي ويندو آهي ڇو ته اوهان هر ناڪامي تي بالرز کي تنقيد جو نشانو بڻائيندا آهيو، ڪڏهن بيٽرز تي تنقيد ناهيو ڪندا، جيڪڏهن ڪپتان مضبوط هوندو ته ڪڏهن به ڌڙابندي جون ڳالهيون نه نڪرنديون.