ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جو ميگا اسٽار شاهه رخ خان سال 2023ع وانگر هاڻي 2024ع ۾ به پنهنجي مداحن لاءِ ٽن فلمن جو اعلان ڪرڻ وارو آهي، ڀارتي ميڊيا مطابق شاهه رخ خان سال 2023ع جي مصروفيت جو ٿڪ لاهڻ لاءِ لنڊن هليو ويو آهي، جتي اهو پنهنجي گهر وارن سان گڏ معياري وقت گذاريندو، ڇو ته موڪلن کان واپس اچڻ بعد ڪنگ خان هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي نون پراجيڪٽس سبب مصروف ٿي ويندو، ان حوالي سان ڀارتي ميڊيا پنهنجي هڪ رپورت ۾ ٻڌايو ته شاهه رخ خان سال 2023ع ۾ پنهنجي فلمن جي رڪارڊ توڙ ڪاميابي تي تمام گهڻو خوش آهي، سندس ٽنهي فلمن “پٺان”، “جوان” ۽ “ڊنڪي” باڪس آفيس تي ڌوم مچائي ڇڏي، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شاهه رخ خان وٽ ڪجهه فلمن جا اسڪرپٽ موجود آهن، اهو لنڊن کان ڀارت واپس اچڻ بعد انهن سمورن اسڪرپٽ کي پڙهندو ۽ پوءِ انهن تي ڪم جي شروعات ڪندو، ڀارتي ميڊيا جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اها ڳالهه طئي آهي ته شاهه رخ خان لنڊن کان واپسي بعد ٽن فلمن تي ڪم شروع ڪري ڇڏيندو، جن جو اعلان اهو جنوري 2024 ۾ ئي ڪري ڇڏيندو، جڏهن ته اهي ٽئي فلمون شايد 2025ع ۾ رليز ٿينديون.